جوڻيجو سميع ساجد

جوڻيجو، سميع ساجد: ليکڪ ۽ شاعر سميع ساجد جوڻيجي جو اصل نالو سميع احمد جوڻيجو آهي. هي پهرين اپريل 1963ع تي ڳوٺ نم شريف، تعلقي ڳڙهي ياسين ضلعي شڪارپور ۾ پيدا ٿيو. ايم. اي ۽ بي ايڊ ڪيل اٿس، هن وقت تعليم کاتي ۾ سپروائيزر آهي. هيءُ سنڌي ادبي سنگت شاخ رتيديري جو ڪارڪن ۽ ضلعي رابطه سيڪريٽري به رهيو آهي. هن جي شاعري ۽ ڪهاڻيون مختلف ادبي رسالن ۾ شايع ٿينديون رهن ٿيون. هيءُ ٻاراڻي ادب جو به ناليوارو شاعر آهي، سندس هڪ ڪتاب ’پيارا پيارا پوپٽ‘ (ٻارن لاءِ شاعري: 2004ع) ڇپيل آهي. ٻاراڻي ادب جي خدمتن عيوض ٻالڪ ادبي فورم طرفان کيس 2009ع ۾ مڃتا سرٽيفڪيٽ ڏنو ويو. سنڌي ادبي سنگت پاران سندس مٿين ڪتاب کي 2009ع ۾ اوارڊ ڏنو ويو. هن وقت رتيديري ۾ رهي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو